شهيد شاگردن جون تصويرون کڻي پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده آباد ريلي ڪڍي وئي

خيرپور ناٿن شاھ (آزاد اختر مشوري) ڪي اين شاه پاڪستان زنده آباد موومينٽ تنظيم پاران پشاور جي پبلڪ آرمي اسڪول ۾ ٿيل دهشتگردي واري واقعي خلاف ڳوٺ خانپورجوڻيجو کان ڪي اين شاهه پريس ڪلب تائين 15 ڪلوميٽر پيرين پنڌ ريلي ڪڍي, مظاهرين پاران پاڪستاني جهنڊا بينر ۽ پلي ڪارڊ سميت شهيد شاگردن جون تصويرون کڻي پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده آباد جي زبردست نعريبازي ڪئي وئي , ان موقعي تي اڳواڻن عرفان حمزا جويو , بابورفيق خاصخيلي, سليم متين, راجا عباسي, ماجد ڪولاچي , سعيد جانوري عامر ملاح, آفتاب چانڊيو ۽ عبدالله خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 ڊسمبر ڏھاڙي پشاور پبلڪ آرمي اسڪول ۾ ٿيل دهشتگري ۾ انڊيا ملوث هئي, جنهن سبب ڪيترائي معصوم شاگرد رت سان رنگجي ويا ۽ شھادت جو جام پيتو, ڀارتي خفيه ايجنسي را طالبان جي روپ ۾ پنهنجي دهشتگرد تنظيم آر ايس ايس جي غنڊن کان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي خودڪش حملو ڪرائي اسان جي مستقبل جي معمارن علم پرائيندڙ معصوم گلن جهڙن ٻارن جو بيدردي سان قتل عام ڪرايو ۽ ان موقعي تي به پاڪ آرمي جي ايس ايس جي ڪمانڊو جي جوانن پهچي انهن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ۽ ان وقت جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف صاحب انهن دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لا آپريشن ضرب عضب جو اعلان ڪري انهن دهشتگردن جي سڀني ٽڪاڻن کي تباه ڪري ملڪ ۾ امن بحال ڪرايو بڻايو, ان حوالي سان اسان پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ سانحه اي پي ايس جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا
۽ هن پليٽ فارم تان اسان دشمن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته اسان ڪڏهن به پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي قوم سان ٿيل نا انصافيون ڪون وسارينداسين ۽ پاڪستان جو هر فرد هر ميدان تي پنهنجي ملڪ جي سلامتي لا پاڪستان آرمي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي ۽ آخري ساه تائين بيٺل رهندو هنن اهو به چيو ته وطن پاڪستان جا دشمن اسان جا دشمن آهن جيڪي نٿا چاهين ته پاڪستان جو عوام اڳتي وڌي ۽ ترقي ڪري, اڳواڻن جو اهو به چوڻ هيو ته شھيد شاگردن جي بهادر والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ خاطر ٻچڙن جي عظيم قرباني ڏني, پاڪستان جي هر ماڻھو جا حوصلا بلند آھن اهڙا وقعا ڪري دشمن اسان کي نٿا ڊيڄاري سگهن ,

Read Previous

درگاھ اڀن علي شاھ سرڪار جي روضي مبارڪ کي ڪشادو ڪرڻ لاء درگاه لڳ قائم غير قانوني دڪانن ۽ مانڊڻين کي ختم ڪرائڻ ۽ درگاه تي ڦڏو فساد ڪرائڻ جي ڪوشش

Read Next

راڻيپور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن نڪتل پيادل مارچ قافلي جي شاه جي مشين ۽ گڏيجي ۾ شاندار آجيان

Most Popular