شيخ رشيد اسلام آباد ۾ غير ضروري پوليس چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:   وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد اسلام آباد ۾ غير ضروري پوليس چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليس تي سڀني کان گهٽ خرچ ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ وفاقي  گهرو وزير شيخ رشيد احمد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان هلندڙ مهيني اسلام آباد پوليس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪندو. اسلام آباد ۽ پاڪستان پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سڀاڻي نادرا جو دورو ڪندس. سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاڪستاني پاسپورٽ جي توهين نه ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد جي ٽريفڪ مان مطمئن آهيان. سينيٽ جي چونڊن تي ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته سپريم ڪورٽ سينيٽ جي چونڊن جي اجازت ڏني ته اهو وڏو انقلاب هوندو. اسلام آباد پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد احمد چيوته سينيٽ جون چونڊون شو آف بينڊ جي ذريعي ٿيڻ سان شفافيت ٿيندي. ان جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ اجازت ڏني ته اهو وڏو  انقلاب هوندو. سينيٽ چونڊون شو آف بينڊ جي ذريعي ٿي ويون ته ڌانڌلي ختم ٿي ويندي ۽ ان جو سمورو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن ويندو. گهرو وزير چيو ته پوليس کي وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ملڪ ۾ پوليس تي گهڻو خرچ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي درخواست ڪنداسين ته اسلام آباد پوليس جي پگهار ۾ واڌ ڪئي وڃي. پوليس ۾ نئين ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون. جنهن کان پوءِ صرف ريڊ زون ۾ ناڪا هوندا. اسلام آباد ۾ وڏين هوٽلن ۽ مرگله کان علاوه سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏينداسين.

Read Previous

وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات: مختلف معاملن تي خدشن جو اظهار

Read Next

عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular