افغانستان جي ضلعي گيلان ۾ بم ڌماڪو، پنڌرهن ڄڻا اجل جو شڪار

غزني: گيلان جي هڪ گهر ۾ قرآن جي محفل دوران ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 15 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. افغان جي پرڏيهي وزارت موجب بم ڌماڪو غزني جي ضلعي گيلان ۾ ٿيو جتي هڪ گهر ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ قرآن خواني جي محفل هلندڙ هئي. رپورٽس موجب گهر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل ۾ رکيل بم ڦاٽڻ سان 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا.

Read Previous

نيوزيلينڊ پهرئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

اداڪاري کانپوءِ يمنيٰ زيدي ڳائڻ به شروع ڪري ڇڏيو

Most Popular