نيوزيلينڊ پهرئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

آڪلينڊ: پاڪستان پهرئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 154 رنز جو هدف ڏنو جيڪو نيوزيلنيڊ 19 اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ کيڏل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاران مارٽن گپٽل ۽ وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين ٽم سيفرٽ اننگز جي شروعا ت ڪئي، گپٽل 6 رنز ٺاهڻ کانپوءِ شاهين آفريدي جو شڪار ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڊيون ڪونوي بيٽنگ لاءِ آيو پر حارث رئوف ان کي به 5 رنز تي واپس پويلين موڪلي ڇڏيو. گلين فلپس ۽ ٽم سيفرٽ وچ ۾ سٺي شرڪتداري قائم ٿي، فلپس 23 رنز ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو البت ڪريز تي ڄميل رهيو ۽ مارڪ چيمپئن سان هڪ ٻي سٺي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردر ادا ڪيو، چيمپئن 34 رنز ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو جڏهن ته سيفرٽ شاندار اڌ سينچري اسڪور ڪئي، هو 57 رنز ٺاهي پويلين واپس ٿيو.

Read Previous

لڪس اسٽار ايوارڊ: بهترين فلم جو اعزاز ”لال ڪبوتر“ جي نانءُ

Read Next

افغانستان جي ضلعي گيلان ۾ بم ڌماڪو، پنڌرهن ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular