تعليمي ادارن کي بند رکڻ قبول ناهي ڪورونا ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کوليا وڃن.نعيم الله لغاري

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)تعليمي ادارن کي بند رکڻ قبول ناهي ڪورونا ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کوليا وڃن.نعيم الله لغاري جي ٽي آ ء سنڌ پاران نوجوانن جي تربيت لاءِ 24 کان 26 ڊسمبر تائين جامعه منزل گاه سکر ۾ تربيتي ڪنوينشن جو پروگرام رٿيو آهي جنهن ۾ عالم، اديب،دانشور،صحافي ۽ جي يو آء اڳواڻ ليڪچر ڏيندا. تفصيل موجب جمعيت طلباء اسلام ڳڙھي خيرو طرفان دفتر جي يو آئي سٽي ڳڙھي خيرو ۾ تربيتي ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو, جنهن ۾ جمعيت طلباء اسلام صوبه سنڌ جي صدر نعيم الله لغاري, صوبائي ناظم ماليات, راشدمحمود کهاوڙ خصوصي شرڪت ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تعليمي ادارن کي بند رکڻ قبول ناهي ڪورونا ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کوليا وڃن. حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو ڪري نجي تعليمي ادارن کي به کولي انھن کي سھوليتون فراهم ڪرڻ سميت بل معاف ڪيا وڃن ۽ اسپيشل فنڊ مھيا ڪيا وڃن ۽ نجي تعليمي ادارن جي مالڪن جون پريشانيون دور ڪيون وڃن. ھن چيو ته جي ٽي آ ء سنڌ پاران نوجوانن جي تربيت لاءِ 24 کان 26 ڊسمبر تائين جامعه منزل گاه سکر ۾ تربيتي ڪنوينشن جو پروگرام رٿيو آهي جنهن ۾ عالم، اديب،دانشور،صحافي ۽ جي يو آء اڳواڻ ليڪچر ڏيندا. جيئن مستقبل جي معمار نوجوانن کي ھر لحاظ سان تيار ڪري سگهجي. ان موقعي تي جمعيت علماء اسلام اڳواڻ مولانا خالقداد بروهي,اسدالله حيدري, عرفان علي لهر, جان محمد جمالي, حافظ محمد ياسر بروهي, جي ٽي آئي ڳڙھي خيرو صدر ظفرالله فاروقي, نعيم الله بروهي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

Read Previous

سانگهڙ: اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ محمد سليم ڀٽي ميموريل فوٽ بال ٽورنامنٽ ٿي گذري

Read Next

لاڙڪاڻي ڀرسان ميتلا روڊ تي تيز رفتار ٻن ڪوچن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، ڪيترائي زخمي

Most Popular