لاڙڪاڻي ڀرسان ميتلا روڊ تي تيز رفتار ٻن ڪوچن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، ڪيترائي زخمي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ڀرسان ميتلا روڊ تي تيز رفتار ٻن ڪوچن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي اسپتال داخل. رپورٽ موجب نئون ديرو جي ڳوٺ مٺو کهڙو جا رهواسي ميهڙ تعلقي جي درگاھ شاھ گودڙو تي سک ڏئي ڪوچ تي واپس پنهنجي ڳوٺ طرف اچي رهيا هئا ته لاڙڪاڻي لڳ ميتلا روڊ تي سامهون ايندڙ ٻي ڪوچ سان کين ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڪوچن ۾ سوار ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ ڪوچ ڊرائيور فيض محمد لغاري، ڪلينڊر عبدالجبار جاگيراڻي، مسمات صدوري خاتون کهڙو، مسمات فهميدا کهڙو، بلقيس خاتون کهڙو، روشن خاتون کهڙو، 10 سالا زهرا ڌيءَ عرفان کهڙو، 8 سالا غلام زهرا ڌي منل ميراڻي، فهيم ميراڻي سميت ٻيا شامل آهن، جڏهن ته زخمي ٿيلن کي علائقي واسين کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي کين علاج ڊاڪٽرن پاران هلندڙ آهي. ان موقعي تي زخمي ٿيلن صحافين کي ٻڌايو ته اسان ميهڙ جي درگاھ شاھ گودڙو کان سک ڏئي واپس پنهنجي ڳوٺ طرف اچي رهيا هئاسين ته اوچتو ميتلا روڊ وٽ سامهون ايندڙ ڪوچ سان اسان جي گاڏي ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو واقعي پيش آيو آهي. هوڏانهن حادثي ۾ زخمي ٿيل ڪجھ ماڻهن کي مختلف اسپتالن ڏانهن پڻ منتقل ڪيو ويو هو.

Read Previous

تعليمي ادارن کي بند رکڻ قبول ناهي ڪورونا ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کوليا وڃن.نعيم الله لغاري

Read Next

ڊي ايس پي موٽروي پوليس سڪرنڊ ارباب زرداريءَ طرفان ڊرائيونگ قانونن جي پاسداري ۽ حفاظتي قدمن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular