ڊي ايس پي موٽروي پوليس سڪرنڊ ارباب زرداريءَ طرفان ڊرائيونگ قانونن جي پاسداري ۽ حفاظتي قدمن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي

سڪرنڊ (رپورٽ :اڪبرملاح) ايس ايس پي موٽروي پوليس سڪرنڊ سجاد حسين ڀٽيءَ جي خصوصي هدايتن تي ڊي ايس پي موٽروي پوليس سڪرنڊ ارباب زرداريءَ طرفان ڊرائيونگ قانونن جي پاسداري ۽ حفاظتي قدمن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي . شهر جي مُک رستن ۽ چوڪن تي ميگا فون ذريعي شهرين کي آگاه ڪندي ڊي ايس پي ارباب زرداريءَ چيو ته ٽرئفڪ قانونن تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو فرض بڻجي ٿو ، قانون تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري ڪيتريون قيمتي حياتيون ضايع ٿين ٿيون . هن چيو ته پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڊرائيونگ ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيو ، ون ويلنگ خطرناڪ راند آهي جيڪا موت جو ڪارڻ بڻجي ٿي ، انڪري پنهنجي ٻارن تي خاص نظر رکڻ گهرجي . موٽرسائيڪل تي هيلميٽ ، گاڏي ۾ سيٽ بيلٽ ضرور استعمال ڪريو ، جڏھن ته ڪوهيڙي جي موسم ۾ فوگ لائيسنس جو هئڻ لازمي آهي ان کان علاوه تمام گهڻي ڪوهيڙي ۾ ڊرائيونگ احتياط سان ڪرڻ گهرجي ۽ سفر دوران موٽروي پوليس پاران جاري ڪيل ايپ جو استعمال ڪرڻ سان پڻ حادثن کان محفوظ رهي سگهجي ٿو . ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن سڪرنڊ جو صدر راشد مڪرم ، جاويد سومرو ، ولي محمد ڀٽي پڻ موجود هئا .

Read Previous

لاڙڪاڻي ڀرسان ميتلا روڊ تي تيز رفتار ٻن ڪوچن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، ڪيترائي زخمي

Read Next

پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ 5 سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن : پٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور

Most Popular