پاڪستان مسلم ليگ ن ڊويزن لاڙڪاڻي طرفان شهر جي مقامي هوٽل ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) پاڪستان مسلم ليگ ن ڊويزن لاڙڪاڻي طرفان شهر جي مقامي هوٽل ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن اجلاس ۾ مسلم ليگ ن ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر احسان احمد سومرو، ضلعي صدر ايڊووڪيٽ نثار احمد ابڙو، حميداللہ تنيو، سيد سڪندر علي شاھ، نور احمد ڀٽو، حاجي خان بروھي، آفتاب احمد انصاري، غلام رضا ڪولاچي، احمد بخش ڪورائي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته 27 ڊسمبر تي پارٽي جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز لاڙڪاڻي اندر منعقد ڪيل جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهچي رهي آهي، جنهن جو ڪارڪن شاندار نموني سان استقبال ڪندا. هنن چيو ته اسان لاءِ فخر جي ڳالھ آهي جو مريم نواز پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي اچي رهي آهي، جڏهن ته هو اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندي. ھنن وڌيڪ چيو تہ مريم نواز جو لاڙڪاڻو ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ويندو، ايئر پورٽ کان جلسہ گاھ تائين مريم نواز کي وڏي جلوس جي صورت ۾ پهچايو ويندو، جڏهن ته پارٽي جي نائب صدر جو لاڙڪاڻو بار کي خطاب پڻ متوقہ آھي. هنن وڌيڪ چيو ته مريم نواز جي لاڙڪاڻو آمد سان مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن م نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو. ھنن وڌيڪ چيو تہ اجلاس ۾ ميان نواز شريف جي نعري ووٽ کي عزت ڏيو جي حمايت جي قرارداد منظور ڪئي وئي، جڏھن تہ اسان ملڪ ۾ ان نعري ھيٺ مڪمل جمھوريت جي بحالي جا خواھشمند آھيون.

Read Previous

مٽياري : شوگر ملز لميٽيڊ ۽ وائٽل گرين لاھور طرفان مٽياري زرعي اسڪول جي پھرين ڪامياب بينچ جي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيو سامان تقسیم

Read Next

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جي جهوني جيالي جو پارٽي قيادت طرفان سار نه لهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular