مٽياري : شوگر ملز لميٽيڊ ۽ وائٽل گرين لاھور طرفان مٽياري زرعي اسڪول جي پھرين ڪامياب بينچ جي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيو سامان تقسیم

مٽياري : مٽياري شوگر ملز لميٽيڊ ۽ وائٽل گرين لاھور طرفان مٽياري زرعي اسڪول جي پھرين ڪامياب بينچ جي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻي بينچ جي شاگردن ۽ ورديون، ٽوپيون، ٿيلھا ۽ بوٽ تقسیم ڪرڻ واري سادي ۽ پروقار تقريب مٽياري شوگر مل ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مٽياري شوگر ملز جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر دوست محمد بلوچ، مٽياري شوگر ملز جي جنرل مينيجر ڊاڪٽر سيد جنيد اڪبر شاھ، اسسٽنٽ مينيجر ڪين اختر ھاليپوٽو، ۽ وائٽل گرين ڪمپني لاھور طرفان عرفان اللہ خان، محمد عرفان، حسنين خانزادہ، زميندارن مان حاجي لياقت علي ميمڻ، جمن ٽڳڙ، ثمير احمد، محب ٽڳڙ، محبوب احمد ، سيد ڪامل شاھ، عبدالرزاق ابڙيجو ،ذوالفقار علي ڏيٿو، عبداللہ ڏيٿو، حسن پيارو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، دوست محمد بلوچ ڳالھائيندي چيو ته ھونئن به ھي علائقو مڻڪتيء ۾ سڄي ملڪ ۾ مٿاھون آهي پر ھاڻ زرعي اسڪول جي مشورن سان ڪمند جي مڻڪتي وڌندي جنهن سان اسان جي زندگين ۾ خوشيون وڌنديون،

Read Previous

مٽياري : ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلچسپ مقابله حسن شاھ ڄاموٽ اليون ڪامياب

Read Next

پاڪستان مسلم ليگ ن ڊويزن لاڙڪاڻي طرفان شهر جي مقامي هوٽل ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو

Most Popular