خيرپور ناٿن شاھ اسٽيل مل کي خانگائڻ ۽ چار ھزار کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج مظاهرو

خيرپور ناٿن شاھ اسٽيل مل کي خانگائڻ ۽ چار ھزار کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپيئن (PTUDC) ۽ بيروزگار نوجوان تحريڪ جي سڏ تي خيرپور ناٿن شاهه جي پراڻي بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي ڪامريڊ اعجاز ٻگھيو، عيسي چانڊيو، سھيل چانڊيو ڪري رھيا ھئا، جڏھن تہ ريلي ۾ واپڊا ھائڊرو يونين، پورھيت مزاحمت ۽ حمالي يونين جي ڪارڪن ماجد ٻگھيو، ظھير گاڏھي ۽ وزير علي گاڏھي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ مظاھرين وفاقي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي ھنن ڳالھائيندي چيو تہ وفاقي حڪومت روزگار ڏيڻ واري نعري تحت سموري اليڪشن مھم ھلائي ۽ ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر افسوس تہ وفاقي حڪومت روزگار ڏيڻ بدران ماڻھن کي بيروزگار ڪري رھي آھي، جنھن جو تازو ۽ وڏو مثال اسٽيل مل جي نجڪاري ۽ ملازمن جي برطرفي آھي، ھنن مطالبو ڪيو تہ حڪمران ملڪ جي منافعہ بخش ادارن جي نجڪاري جو سلسلو بند ڪندي اسٽيل مل جي برطرف ڪيل ملازمن کي واپس بحال ڪري انھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورتَ ۾ احتجاج جو سلسلو پوري ملڪ تائين ڦھلايو ويندو.

Read Previous

ملڪ ۾ معيشيت تباھ ٿي رهي آهي۔ ملتان ۽ لاهور ۾ پي ڊي ايم جا جلسا ڪامياب ويا آهن : سيد ناصر شاهه

Read Next

جيڪو چلهه تي سو دل ۾

Most Popular