جيڪو چلهه تي سو دل ۾

سيد غلام حيدر شاھ قلندري

ڪنھن دوست مزاق ۾ پڇيو سائين توهان ھڪ دفعي ھڪ پوسٽ رکي “چري کي چوڙو ڪڏهن ٻانهن ۾ ڪڏهن ٽنگ ۾” اصل ۾ ان جي حقيقت ڇا آھي؟ مون چيو اصل ۾ اهو ھڪ مشهور پھاڪو آهي، ان جو مثال کڻي وٺجي فرض ڪريو ته خدن ۽ فتن ۽ سندن ھم خيال دوست انھن جي نظر ڪنھن قيمتي شيءِ تي پئي، اھا شيءِ ته ڪوشش ۽ حڪمت عملي جي باوجود انهن کي نه ملي، پر وري فتن جي صلاح مشوري سان انهن ان شيءِ جي ڪاپي يعني نقل ڪرائي وچ ۾ رکي چوطرف ڦري ويٺا، انھي نقل جي خبر فقط فتن ۽ خدن کي ھئي، پر ٻين ته فقط فتن ۽ خدن جي واتان ڪوڙيون تعريفون ٻڌيون، انهن تي ان جو اثر ايترو ٿيو جو انهن جي اندر ۾ بي چينيون پيدا ٿيون، پر فتن ۽ خدن جي چھري ۾ مايوسي ڇانيل هئي، نقلي ته خوشي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، پر وري ڪا سوچ اچين ته چھرا لھي پيا وڃن، ھڪ ٻئي تي نظر وجھن ته روئڻڪا ٿيو وڃن، پر محسوسيت جي انتھا ھو جيڪي واٺا جن وڏي تعريف ٻڌي آھي ته بيھي رهي اھا شيءِ کڻن پيا ڏسن پيا ڪڏهن ڪنهن جي ھٿ ۾ ڪڏهن ڪنھن جي ھٿ ۾ اھا سڀ صورتحال فتن ۽ خدن ڏٺي ته ٻئي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪڏهن ھي شيءِ واقعي اصل ھجي ته اھي ٻئي پنھنجا ٻالڪا پاڻ ۾ وڙھي پون ۽ پاڻ کي بي چڱي ڦيهه ڪڍن، ڳالهه ڪوتاهه، خدن ۽ فتن نوان نوان شوقين، ڏينهن به وڏا ڪم به گھڻو، مقصد پويان مقصد، سور به اندر جا اندر ۾، جتي وڃيو گوڏا ڀڃيو ويھن ته ڳالھيون پيڇو نه ڇڏين، يادگيريون ڀلا ڪيئن وسرن به، کٽي پيا ته ڇا ٿيو، آھن اصل کان نسلاتي خان، سرديءَ وارا ڏينهن وري دعوتون ڪٿي ته وسرن، ٽانڊن تي پچايل اڇا گجر، مٿان وري مفت جا پتي وارا پان، وري ڪرائتي ڪاري چانهه، اھڙا اچيو پيٽ ۾ بلراٽا ڏين، ھمراھ ائين پيا روئن جيئن ننڊڙا ٻار کير لاءِ روئن، نيٺ ته دل جي ڳالهه چپن تي اچڻي آھي ئي آھي، مٿان وري جو ڦٽي تولو مولو جي، سامھون گڏجي ويا ڏاڍا ڏوراپا به ڏنو ۽ سڀ پراڻيون يادون ياد ڏياريون، پر ھي ٻئي بي روزگاري جا ماريل ائين پيا ٻڌن جيئن ڪن جھڙا آھن ئي ڪو نه، بس پوءِ دل جا سور دل ۾ کڻي ھلڻ واري ڪيون، انهي کان بھتر اٿئي ته مٺيون ڀيڙي ڀڄ.

Read Previous

خيرپور ناٿن شاھ اسٽيل مل کي خانگائڻ ۽ چار ھزار کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج مظاهرو

Read Next

سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي: سليم مانڊوي والا