سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي: سليم مانڊوي والا

لاهور: ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪو به تبديل نٿو ڪري سگهي.  ڊپٽي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو سياسي پارٽين جو آهي جيڪڏهن سياسي  پارٽيون سمجهن ٿيون ته اهو صحيح آهي ته ٺيڪ آهي. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي. مارچ ۾ سينيٽرز رٽائرڊ ٿي ويندا ته شيڊول ايندو باقي هنن جي مرضي آهي جيڪو به چوندا رهن. ڊپٽي سينيٽ چيئرمين وڌيڪ  چيو ته حڪومت جا وزير چئي رهيا آهن ته اسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. هر اداري کي پنهنجي ملازمن جو پاڻ احتساب ڪرڻ گهرجي.  جيڪڏهن پارليامينٽرين تي الزام ايندو ته پارليامينٽ  ان جو احتساب ڪندي. جيڪڏهن هر ڪو چور ۽ ڌاڙيل آهي ته سموري  پارليامينٽ کي گهر وڃڻ گهرجي.

Read Previous

جيڪو چلهه تي سو دل ۾

Read Next

جنهن جو دل چاهي اهو ڀلي لانگ مارچ ڪري اسان استقبال لاءِ تيار آهيون: شيخ رشيد

Most Popular