مٽياري : ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون مٽياري فاروق احمد لغاري ضلعي ۾ پي پي ايل ۽ ٻين ڪمپنين پاران تعلقي مٽياري جي ڳوٺ سونو خان خشڪ ، صالح منڱريو ۽ بچل ڏيٿا ۾ تعمير ٿيندڙ نئين واٽرفلٽرپلانٽس جو تفصيلي دورو ڪيو

مٽياري : ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون مٽياري فاروق احمد لغاري ضلعي ۾ پي پي ايل ۽ ٻين ڪمپنين پاران تعلقي مٽياري جي ڳوٺ سونو خان خشڪ ، صالح منڱريو ۽ بچل ڏيٿا ۾ تعمير ٿيندڙ نئين واٽرفلٽرپلانٽس جو تفصيلي دورو ڪيو_ ان موقعي تي هن چيو ته ڪارپوريٽ فنڊز تحت ضلعي ۾ موجود ڄاڻايل ڪمپنين پاران 43 آر او پلانٽس مختلف ڳوٺن ۾ قائم ڪيا پياو ڃن ته جيئن عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري گندي پاڻي سبب وچڙندڙ بيمارين کان بچائي سگهجي _ هن ،لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي جلد کان جلد نئين فلٽر پلانٽس جي بحالي لاءِ اپاءَ اختيار ڪن ته جيئن جلد کان جلد ضلعي جي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي _ هن چيو ته ضلعي جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاڻ پتوڙي رهي آهي -ان موقعي تي سب انجنيئرپبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ مٽياري عارف رحيم شيخ، شفيع ميمڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدارپڻ ساڻس موجود هئا-

Read Previous

قاضي احمد: سکپور جاگير جي 1800 ايراضي ايڪڙ زمين مان 1500 ايراضي ايڪڙ زمين تي مڪمل طور بااثر ماڻھن جو قبضا برقرار

Read Next

سجاول: سجاول ۾ سنڌ جي مشھور شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين ساگراه ملهائي وئي

Most Popular