ايم ايس ايف ضلعي سانگهڙ ۽ ايم ايس ايف سٽي جي نوجوانن پاران سانگهڙ ۾ قائم ڪيل فري ميڊيڪل ڪيمپ جو افتتاح فنڪشنل مسلم ليگ چيف آرگنائزر ڪاشف نظاماڻي ڪيو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) ايم ايس ايف ضلعي سانگهڙ ۽ ايم ايس ايف سٽي جي نوجوانن پاران سانگهڙ ۾ قائم ڪيل فري ميڊيڪل ڪيمپ جو افتتاح فنڪشنل مسلم ليگ چيف آرگنائزر ڪاشف نظاماڻي ڪيو انهي موقعي تي ايم ايس ايف ضلعي صدر سليم نظاماڻي،نائب صدر فقير آصف ڌاريجو، ، انفارمیشن سيڪريٽري ڪاشف رضا ميتلو،سٽي صدر وقاص مري ،جنرل سيڪريٽري دانيال نظاماڻي، اشفاق بروهي ،طلعت ملڪ، راجا مالهي، جاويد آرائين ،جنيد مري،علي گل مري، ليبر ونگ ضلعي سانگهڙ جو جنرل سيڪريٽري عبدالغفارنظاماڻي، محمد دائود راڄڙ، سني نظاماڻي،ليڊيز اڳواڻ ميڊم سلمي، آصف ڌاريجو ۽ ٻيا موجود فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 500 کان مٿي مريضن جو مائنو ڪري فري دوائون ڏنيون ويون ڪيمپ ۾ چوٽياريون، اڇڙو ٿر،ورڪشاپ ،آوڍ،گجري گڻگ بنگلو ،جهول سميت ٻين ويجهن علائقن مان علاج ڪرائڻ لاءِ عورتن توڙي مردن وڏي انگ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي چيف آرگنائيزر فنڪشنل مسلم ليگ ڪاشف نظاماڻي نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ڪئي ۽ هن چيو ته نوجوان پارٽي جو سرمايو آهن نوجوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي غريب مسڪين جي هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هن چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ هميشه قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ايم ايس ايف سنڌ اندر تمام بهترين ڪم ڪري رهي آهي

Read Previous

پ پ يوٿ ونگ ضلعي شهيد بينظير آباد جي نائب صدر اظهر حسين زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلزسيڪريٽريٽ نوابشاهه ۾ 27 ڊسمبر جي حوالي سان اهم اجلاس ٿي گذريو

Read Next

ڪنڌرا : عدالتي حڪم تي سيد ڪوڙل شاهه جي قبر ڪشائي ڪئي وئي

Most Popular