ڀارت ڪابه غير ذميواراڻي حرڪت ڪئي ته ان جو کيس جواب ڏنو ويندو: شاهه محمود قريشي

ملتان: : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ڪابه غير ذميواراڻي حرڪت ڪئي ته ان جو کيس فوري طور تي مناسب جواب ڏنو ويندو.  رپورٽ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي مبصرين واري گاڏي تي حملو ڳڻتي جوڳو آهي. جڏهن ته گڏيل قومن جي مبصرين جي موجودگي جو مقصد امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي. گڏيل قومن جي مبصرين جي گاڏي تي حملي جي فوري طور تي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت سيز فائر معاهدن جي لاڳيتو ڀڃڪڙي ڪري شهرين کي نشانو بنائي رهيو آهي ۽ ڀارتي اشتعال انگيزي سان امن امان کي خطرا وڌي سگهن ٿا پر پاڪستان خطي ۾ امن امان برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغان امن عمل تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان افغان امن عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. افغانستان ۾ امن جي ڪاوشن کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي ۽ افغانستان ۾ امن کي نقصان پهچائڻ جي ذميواري ڀارت مٿان هوندي. هن چيو ته اسان پنهنجي ذميواري نڀائيندي عالمي برادري کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پڪيون رپورٽون آهن ته ڀارت ڪونه ڪو بهانو ڪري فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو.  پرڏيهي وزير عالمي برادري کان مطالبو ڪندي چيو عالمي برادري فوري طور تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري ۽ جيڪڏهن ڀارت ڪابه غيرذميواراڻه حرڪت ڪئي ته ان جو کيس تڪڙو ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو.

Read Previous

سينيٽ جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي چونڊون ڏهين فيبروري کان اڳ نٿيون ٿي سگهن: اليڪشن ڪميشن

Read Next

وزيراعظم جي گهر جو نقشو مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي:شبلي فراز

Most Popular