سينيٽ جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي چونڊون ڏهين فيبروري کان اڳ نٿيون ٿي سگهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آئين  موجب مدو پورو ڪندڙ خالي ٿيندڙ سيٽن تي چونڊون 30  ڏينهن اڳ نٿيون ٿي سگهن.  اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ  جا اڌ ميمبر 11 مارچ تي ريٽائرڊ ٿي ويندا ۽ آئين موجب جيڪي سيٽون پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ خالي ٿينديون. ان تي اليڪشن 30 ڏينهن اڳ نٿيون ٿي سگهن. اهڙي طرح سينيٽ جي خالي ٿيندڙ ان سيٽن تي چونڊون 10 فيبروري  2021 کان اڳ نٿيون ٿي سگهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عام طور تي سينيٽ  جي گذريل 4 کان 5 چونڊون مارچ  جي پهرين هفتي ۾ ٿي رهيون آهن. هن ڀيري به اليڪشن ڪميشن  آئين ۽ قانون موجب مناسب وقت تي ان چونڊن جي تاريخ جو اعلان هڪ چونڊ پروگرام جي صورت ۾ جاري ڪندي. اليڪشن ڪميشن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن کي شروع ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميوارين کان چڱي طريقي سان آگاهه آهي. ڪميشن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.  ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊن جو به اعلان ڪيو آهي جنهن موجب بلوچستان ۽ سنڌ جي سيٽن تي چونڊون 15 فيبروري جڏهن ته قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين تي چونڊون 19 فيبروري تي ٿينديون.  واضح رهي ته حڪومت سينيٽ جون چونڊون مارچ جي بجاءِ فيبروري ۾ ڪرائڻ جو  فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان صحافين سان ڳالهين ۾ اعلان به ڪيو جڏهن ته اپوزيشن حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي ان جي خلاف سخت مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: وزيراعظم

Read Next

ڀارت ڪابه غير ذميواراڻي حرڪت ڪئي ته ان جو کيس جواب ڏنو ويندو: شاهه محمود قريشي

Most Popular