وزيراعظم جي گهر جو نقشو مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي:شبلي فراز

اسلام آباد: : اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي گهر جو نقشو مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي. مريم نواز جي بيان تي ٽوئٽر تي رد عمل ڏيندي شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان هميشه قانون جو احترام ڪيو.(ن) ليگي اڳواڻ ڪوڙ جو سهارو وٺي بدنيتي تي ٻڌل غلط تاثر نه پکيڙين. هن چيو ته وزيراعظم جي گهر جو نقشو اڃان مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي.(ن) ليگي اڳواڻ پنهنجي مذموم پروپيگنڊا سان عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن. عوام کي خبر آهي ته عمران خان هميشه سچ ۽ اصول جي ڳالهه ڪئي آهي.

Read Previous

ڀارت ڪابه غير ذميواراڻي حرڪت ڪئي ته ان جو کيس جواب ڏنو ويندو: شاهه محمود قريشي

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 62 مريض فوت، سترنهن سئو ٻيانوي نوان ڪيس ظاهر

Most Popular