ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 62 مريض فوت، سترنهن سئو ٻيانوي نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد: : گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 1792 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته 62 مريض  حياتيون وڃائي ويٺا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 34 هزار 772 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ  هاڻ ڪورونا 19 ٽيسٽن جو گڏيل انگ 63 لک 36 هزار 113 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 1792 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 98 هزار 968 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي سڀني کان وڌيڪ سڃاڻپ سنڌ ۾ ٿي آهي. جتي گڏيل مريضن جو انگ سنڌ ۾ 2 لک 4 هزار 840 آهي. پنجاب ۾ هڪ لک 31 هزار 933، خيبرپختونخواهه ۾ 55 هزار 183، بلوچستان ۾ 17 هزار 926، اسلام آباد ۾ 36 هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 827 ڪيس جڏهن ته آزاد ڪشير ۾ ڪورونا مريضن  جو انگ 8 هزار 2 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 62 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن جنهن کان پوءِ هينئر تائين ڪورونا جي فوت ٿي ويلن جو انگ 9 هزار 392 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن. جتي 3 هزار 638 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. سنڌ ۾ 3 هزار 333، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 546، اسلام آباد ۾ 391، گلگت بلتستان ۾ 99، بلوچستان ۾ 179 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 206 ڄڻا هن وائرس سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 680 ڄڻن ڪورونا کي شڪست ڏني آهي جنهن کان پوءِ هن وبا سبب صحتياب مريضن جو انگ 4 لک 9 هزار 85 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 40491 آهي جنهن مان 2 هزار 403 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Read Previous

وزيراعظم جي گهر جو نقشو مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي:شبلي فراز

Read Next

لاڳيتو ٽي ايوارڊ کڻڻ تي ياسر اقرا کي شوبز جو وسيم اڪرم چئي ڇڏيو

Most Popular