سياري جي باهه، ھرڪو پاڻ ڏي سوري

سيد غلام حيدر شاھ قلندري.

ياري جي سٽڪن ۾ آمريڪن سسٽم تحت تولو مولو گلاب خان ڪڙھائي تي وڃي ڪڙڪيا، تولو سڌو ھليو ويو ڪڙھائي ٺاھڻ واري گلڻ وٽ، ٽنگيل بي لباس فارمي ڪڪڙ جيڪي ويچاريون خبر ناھي ڪيتري دير کان گراھڪن جي انتظار ۾ کنڀن کان آجيون ٿي ٽنگيون پيون هيون، جيئن اڄڪلهه تصويرن جي نمائش جنهن ۾ ڪنھن به ماڊل ٿورڙي قيمت تي پاڻ کي ھميشه بي لباس ڪري ٽنگائي ڇڏيو آھي، ائين جيئن ظاھري منظر مختلف زندگيءَ جي چوراهن تي شوق جي ڪري يا غربت جي ڪري بي لباس ٿيل يا ٿيڻ جي انتظار ۾، مطلب ته تولو وڃي پنهنجي پسند جي بي لباس ڪڪڙ فارمي ٽنگيل کي ھٿ لاھي ڏسي ان جي جسماني ساخت کي چڪاس ڪري ھڪ ڪڪڙ گلڻ کي ڪڍڻ جو چئي مٿي ڪڙھائي واري وٽ چڙھي ويھي رھيو، پنهنجي پسند جو آئل ۽ مصالحن جي فرمائش ۽ ڪچھري ڪرڻ لڳي ويو، بار بار لوڻ مرچ چکي به پيو، اصل ۾ تولو بيروزگاريءَ جي ڏينهن ۾ هوٽل تي ڪم ڪندو هو، ٻي طرف مولو چھل قدمي بعد پاروٿي ڊان اخبار کڻي چپن کي چوريندو اچي ٽيبل تي ٺڪاءُ ڪيو.
تولو ڪڙھائي سودو هيٺ لٿو، ڪڙڪ تندور جي مانين جو آرڊر بعد بس ھمراھ ھاڻي ڪڙھائي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ وارا ھئا، جو ڏسن ته سائين مٺو ۽ سائين سرمائي گجر خان ماني کائڻ اچي منھن ڦڪا ڪري ھوٽل تي لٿا، محسوس ائين پئي ٿيو ڪنھن جي مھماني تي ويل ھئا پر ميزبان مليو ڪو نه تڏھن وڏا شوڪارا ڀري اچي پاڻ کي ڪرسين تي اڇليو، سگھيرو واپسي ٿي سمجهيوسون ته همراھ ڪو نه ڪيو، بس پاڻي پيل ٽيبل وارو چپن تي چاڙھيو ويو، تولو مولو ٽشو پيپرن ۽ ٽوالن سان منهن ڍڪي لڪڻ واري ناڪام ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ڪو نه ويا، سلام جو آواز ڪنن تائين پھتو، جواب به ملين، مصنوعي چانهه جي صلاح به ھنيائون، اھو وساري تي پاڻ ڪڙھائي پيا کائين، ڦڪائي ۾ چيون سائين گجر خان فقط چانهه جو انهيءَ لاءِ چئون پيا جو اوھان ڪنھن پروگرام تان کائي پي آيا ھوندا، سائين وڏي مٺن جواب ڏنو بلڪل پر ڪنهن ڪم سانگي ميزبان ھو ڪون، ٻيا ننڍا وڏا ھئا پر اسان ويٺاسون ڪو نه، گجر خان ننڊڙن سان ڪچھري ڪرڻ جي موڊ ۾ ھو پر اسان کي دير پئي ٿي، ائين ڪيئن چون ته منھن ڪو نه ڏنئو، بهرحال اڃان اڳتي ھڪڙو پروگرام ھو اوڏانھن وڃون ٿا فقط پاڻي پيئڻ لاءِ ھوٽل تي آياسين، مولو ناداني ۾ ماني جي صلاح ھڻي ڇڏيس، سائين ٻه ٽي گراھ گڏجي کائون، سائين مٺن ڇو نه ضرور ٻه ٽي ڇو ڪچھريءَ اوھان سان ڪرڻي ھئي ان بھاني ڪجهه ڳالھيون ڪري وٺبيون.
بس پوءِ ته تندور واري جي ٽيبل ۽ تندور جي وچ ۾ وڏي ڊوڙ ڊڪ ڏسڻ جھڙي ھئي، رائيتا به ھلي ويا سرديءَ ۾ ٿڌا پاڻي به اچي ويا، گريبي جي فرمائش به ٿيندي رھي، ڪڙھائي واري ھنڍي صفا صاف نظر اچڻ لڳي، باقي ٽيبل ھڏين جي آماج گاھ بڻجي وئي، سائين گجومر خان ٻلي لاءِ ھڏيون ٿيلھي ۾ ھنيون، تولو مولو چيو سائينءَ رائيتي مٿان چانهه چڱي ناھي، خبر به ڪانھي کير ۾ ڪو ڪيميڪل نه ھجي، ڪجهه پئسا بچائڻ واري اٽڪل به راس نه آئي گرين ٽي ھلي وئي، بس پوءِ مولو تولو جا چھرا ڏسڻ جھڙا ھئا جيڪي ھڪ سال کان پوءِ ڪنھن ھوٽل تي ڪڙھائي کائڻ آيا ھئا، ڏاڍي ٿين! بس رڙ ڪري بد دعا چپن ۾ ڳڙڪائيندا ويا، ڪاوڙ ۾ پگھر ۾ پسي ويا، بس چيائون ھنن ڏائيڻن ھتي به نه ڇڏيو، بھتر اھڙن کان جيڪو ائين سوڙهي باھ سرديءَ ۾ پاڻ ڏانهن انهن کان مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ ۾ مزو آهي.

Read Previous

آبادگارن کي رھيل 80 ڪروڙ روپيا بقايائون نه ڏيڻ خلاف شوگرملز جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ملڪن پوليس ۽ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو