آبادگارن کي رھيل 80 ڪروڙ روپيا بقايائون نه ڏيڻ خلاف شوگرملز جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) ديوان شگر ملز ڪمند جي پيڙاھي شروع ڪري ڇڏي آھي جڏھن ته آبادگارن کي رھيل 80 ڪروڙ روپيا بقايائون نه ڏيڻ خلاف شوگرملز جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ٽي ڪلاڪ احتجاج کانپوء مين نيشنل ھاء وي تي ڌرڻو ايندڙ ويندٽ گاڏيون بيھي رھيون ٽريفڪ جو نظام معطل رھيو ،آبادگارن حاجي اسلم ميمڻ،يعقوب پورھو ميمڻ،حاجي جبار،نجيب الله ۽ ٻين چيو آھي ته ديوان شگر ملز ڏانھن سال 2017ع کان وٺي ھيستائين 80 ڪروڙ روپيا بقايائون رھيل آھن جن جي ادائگي نه ڪئي وئي آھي ۽ ھن وقت جڏھن ملز ڪريشنگ شروع ڪئي آھي تڏھن پنجاب جي آبادگارن کان 350 روپيا في مڻ جي حساب سان ڪمند خريد ڪيو پيو وڃي ۽ مقامي آبادگارن کي ڪمند جو في مڻ اگھ 250 روپيا ڏنو پيو وڃي.جنھن سبب آبادگار مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن.ھنن چيو ته 48 ڪلاڪن ۾ اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو ڌائرو وڌايو ويندو.ھوڏانھن مل جي عملدار چوڌھري اشرف مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون جنھن ۾ ھن چيو ته پھرين تاريخ تي مالڪن سان ملاقات ڪرائي ويندي ان ۾ توھان جا مطالبه نه مڃيا ويا ته آئون توھان گڏجي احتجاج ڪندس ۽ استعفي ڏئي ڇڏيندس.سندس خاطري کانپوء ڌرڻو ختم ٿي ويو.

Read Previous

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت

Read Next

سياري جي باهه، ھرڪو پاڻ ڏي سوري

Most Popular