ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ملڪن پوليس ۽ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

سکر(رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ملڪن پوليس ۽ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي ديھ ڪينجهر جي ڳوٺ خاوند بخش ملڪ جي رهواسي ملڪ برادري ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور پوليس ۽ بااثرن خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل رفيق ملڪ جي پيء محمد هاشم ملڪ امڙ شانو گهر وارين جميعت رحيما خاتون ڀيڻ لطيفان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي رفيق ملڪ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو هنن چيو ته جيڪڏھن رفيق ملڪ ڪو ڏوھ ڪيو هو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. جڙتو مقابلو ڏيکاري کيس ماريو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

سياري جي باهه، ھرڪو پاڻ ڏي سوري

Read Next

ميهڙ : مختيار ٽائون جي رهواسي گلزار سومرو پٽ قربان سومرو جي گهر مان لکين روپين جي چوري

Most Popular