ميهڙ : مختيار ٽائون جي رهواسي گلزار سومرو پٽ قربان سومرو جي گهر مان لکين روپين جي چوري

ميھڙرپورٽر(ميربابا) ميهڙ جي مختيار ٽائون جي رهواسي گلزار سومرو پٽ قربان سومرو جي گهر مان لکين روپين جي چوري، جڏهن ته ان موقعي تي گلزار سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گهر ۾ نامعلوم چور گهڙي ۾ گهڙي 50 هزار روڪ رقم، 50 هزار جو سون، ايل سي ڊي، سولر پليٽ، بيٽري، ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن مان وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته مون مسڪين سان انصاف ڪري مون کي چوري واپس ڪرائي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ روڊن تي اچي احتجاجي مظاهرو ڪنداسين.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ملڪن پوليس ۽ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

Read Next

ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ٻين پاران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جو افتتاح

Most Popular