سکر: پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن اسلام آباد جي جاري ڪيل رزلٽ ۾ ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن اسلام آباد جي جاري ڪيل رزلٽ ۾ ناجائزين خلاف سکر جي دهلي مسلم سوسائٽي جي رهواسي ميڊيڪل اسٽوڊنٽ منيزه ڌيء پروفيسر ڊاڪٽر محمد مقيم منگي ڀائرن مقبول احمد ۽مزمل احمد منگي سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندو چيو آھي پاڪستان مڊيڪل ڪميشن اسلام طرفان (nmdcat) ۔اين ايم ڊي سي اي ٽي ۔جي امتحان جو جاري ڪيل نتيجو بد نيتي تي ٻڌل آھي سنڌ جي شاگردن سان تعليم دشمني ڪندي غلط رزلٽ جاري ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آھي هنن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن اسلام آباد جي ڄاڻايل عمل جو نوٽيس وٺندي درست رزلت جاري ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي

Read Previous

ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ٻين پاران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جو افتتاح

Read Next

سکر ميونسپل انتظاميا پاران سرڪاري ملڪيتون نئين سر نيلام ڪرڻ خلاف واپارين جو احتجاج جاري، ڌرڻو، نعريبازي،

Most Popular