سکر ميونسپل انتظاميا پاران سرڪاري ملڪيتون نئين سر نيلام ڪرڻ خلاف واپارين جو احتجاج جاري، ڌرڻو، نعريبازي،

سکر( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ميونسپل انتظاميا پاران سرڪاري ملڪيتون نئين سر نيلام ڪرڻ خلاف واپارين جو احتجاج جاري، ڌرڻو، نعريبازي، خبرموجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران کاتي جي ملڪيتن تي اڏيل سرڪاري دڪان، اسٽال، مارڪيٽون نئين سر نيلام ڪرڻ واري اعلان بعد سکر جي واپارين پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ 7 ڏينهن به جاري رهي. سکر جي وڪٽوريه مارڪيٽ، مهراڻ مرڪز، بلديه ڪمپليڪس سميت مختلف مارڪيٽن جي واپارين پاران ريلي ڪڍي گھنٽا گھر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين سکر ميونسپل عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ حاجي شمس الرحمان، جنيد شيخ، عتيق هاشمي، شهريار راجپوت، آفتاب احمد ۽ ٻين چيو ته سکر ميونسپل انتظاميا پاران سالن کان ڪرائي تي ويٺل واپارين کي بيروزگاري ڪرڻ جي سازش ڪندي سرڪاري دڪانون، پلازائون ۽ مارڪيٽون نئين سر ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. دڪانن ۾ ڪرائي تي ويٺل ماڻهن کي دڪانون ڏيڻ بجاءِ نون ماڻهن کي دڪانون الاٽ ڪيون وينديون. جنهن سبب هزارين دڪاندار بيروزگار ٿي ويندا. هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل انتظاميا پاران نيلامي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

سکر: پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن اسلام آباد جي جاري ڪيل رزلٽ ۾ ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

سکر ڪئمرامين اينڊ فوٽو جنرلسٽ ايسوسيئيشن جو سالياني چونڊن جي حوالي سان اجلاس

Most Popular