ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ٻين پاران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جو افتتاح

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ٻين پاران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جو افتتاح سکر ريجن جي اعليٰ تعليم واري شرح 2 سيڪڙو آهي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو سکر ۾ ڪيمپس کلڻ سان علائقي جي نوجوانن کي وڌ کان وڌ اعليٰ تعليمي سهولتون ميسر ٿينديون: ڪمشنر سکر ڊويزن رسمي تعليم جو دور پورو ٿي رهيو آهي دُنيا هنري تعليم طرف وڌي رهي آهي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي سکر ڪيمپس ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ هنري ۽ گرامر ڪورسز ڪرڻ گهرجن: شفيق احمد مهيسر نوجوانن کي بين الاقوامي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق تعليم ۽ سکيا ڏيڻي پوندي: ڊاڪٽر رضا ڀٽي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم تائين رسائي اسانجو مشن آهي، سنڌ ۾ 7 ڪيمپس قائم ڪري رهيا آهيون: وائيس چانسلر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ القيوم. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ضياءَ القيوم ۽ وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور پروفيسر ڊاڪٽر رضا ڀٽي سان گڏجي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر ريجنل سروسز انعام الله شيخ، ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ريجن عطا حسين موسوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تعميراتي ڪمپني پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جي عمارت تي 152 ملين رپيا خرچ ايندو ۽ اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ ۾ 6 مهينا لڳي ويندا. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سکر ڪيمپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته دنيا مان رسمي تعليم جو دور پورو ٿي رهيو آهي ۽ هنري تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي ٻين ٻولين سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪورسز شروع ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ تاريخ جي ڳالهه اها ته روينيو رڪارڊ به سنڌيءَ ۾ موجود آهي. هن چيو ته يونيورسٽي پاران 7 جڳهن تي ڪيمپس قائم ڪرڻ سنڌ واسين لاءِ تحفو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اعليٰ تعليم تائين رسائي جي شرح تمام گهٽ آهي. هن چيو ته سکر هن وقت ايجوڪيشن سٽي بڻجي چڪو آهي، سکر آءِ بي اي ۽ ميڊيڪل ڪاليج سان گڏوگڏ وومين يونيورسٽي ۽ آرٽس اينڊ ڊزائن يونيورسٽي اروڙ تعليمي ميدان ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا. وائيس چانسلر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ القيوم خطاب ۾ چيو ته سکر سان گڏوگڏ مٺي، دادو، مورو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو ۾ به ڪيمپس کوليا پيا وڃن ۽ يونيورسٽي پاران هن سال پوڻا ٻه ارب رپيا سيڙپ ڪئي پئي وڃي. هن سنڌ حڪومت پاران سکر سميت ٻين شهرن ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا ڪيمپس کولڻ لاءِ پلاٽ ڏيڻ ۽ ٻئي انتظامي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندا. ڊاڪٽر ضياءَ القيوم چيو ته ملڪ جي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم تائين رسائي اسانجو مشن آهي، حڪومت سان گڏوگڏ هر طبقي جي ماڻهن کي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ 15 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن ۽ خاص طور تي نياڻين کي گهر ويٺي ميٽرڪ ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ پاڪستاني لکيل پڙهيل بڻجي سگهن، هتانجي ماڻهن کي پنهنجن ڪيمپسز جي مالڪي ڪرڻي پوندي. وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور پروفيسر ڊاڪٽر رضا ڀٽي جو چوڻ هو ته تعليمي ادارن ۾ علم دوست فضا ۽ ماحول بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو سکر ۾ ڪيمپس قائم ٿيڻ هتانجي ماڻهن لاءِ وڏي خوشي جو موقعو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي بين الاقوامي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق تعليم ۽ سکيا ڏيڻي پوندي ته جيئن هتانجي ماڻهن کي وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا فراهم ٿي سگهن. تقريب کي ڊائريڪٽر ريجنل سروسز انعام الله شيخ، ريجنل ڊائريڪٽر اي آءِ او يو سکر ريجن عطا حسين موسوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Read Previous

ميهڙ : مختيار ٽائون جي رهواسي گلزار سومرو پٽ قربان سومرو جي گهر مان لکين روپين جي چوري

Read Next

سکر: پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن اسلام آباد جي جاري ڪيل رزلٽ ۾ ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular