سکر ڪئمرامين اينڊ فوٽو جنرلسٽ ايسوسيئيشن جو سالياني چونڊن جي حوالي سان اجلاس

سکر( رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ڪئمرامين اينڊ فوٽو جنرلسٽ ايسوسيئيشن جو سالياني چونڊن جي حوالي سان اجلاس، ايسوسيئيشن جي صدر بخش علي ڦلپوٽو جي صدارت هيٺ سکر پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ محمد ابراهيم سومراڻي، اسامه طلعت، عمران شيخ، نعيم غوري، سجاد سنجراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس دوران عهديدارن پاران سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن کي سمورن ميمبرن پاران تسلي بخش قرار ڏئي عهديدارن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيشن جي عهديدارن چيو ته ڪئمراميمنن ۽ فوٽو گرافرن موجودا حالتن ۾ جهڙي انداز سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، معاشي بحران باوجود سکر جا ڪئمرامين ۽ فوٽو گرافر عوام جي مسئلن لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ بغير ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن.

Read Previous

سکر ميونسپل انتظاميا پاران سرڪاري ملڪيتون نئين سر نيلام ڪرڻ خلاف واپارين جو احتجاج جاري، ڌرڻو، نعريبازي،

Read Next

سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سوين جانوري برادري جي ماڻهن جو ڪيل بگٽي قوم جي نواب محمد حسن ۽ گارڊن جي خلاف مظاهرو مظاهرو

Most Popular