سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سوين جانوري برادري جي ماڻهن جو ڪيل بگٽي قوم جي نواب محمد حسن ۽ گارڊن جي خلاف مظاهرو مظاهرو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سوين جانوري برادري جي ماڻهن جو ڪيل بگٽي قوم جي نواب محمد حسن ۽ گارڊن جي خلاف مظاهرو مظاهرو ڪندڙ ۾ آئي ايڇ آر جو صوبائي صدر ڄام غلام قادر انڙ، ايس ٽي پي نائب صدر سليم رضا ڏاھري، وڏيري جان محمد جانوري ،حاجي مير حسن جانوري، محمد حسن جانوري، بلاول جانورن، غلام حيدر جانوري جنهن بگٽي قوم جي خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته اسان جي قوم جو غريب دلدار جانوري اقبال جانوري جيڪي ٻارڙن جي علاج لاءِ اسپتال وڃي رھيا ھئا ته بگٽي قوم جي ۾ ماڻهن روڊ بلاڪ ڪيو جنهن کي اسان منٿون ڪيون ته روڊ کوليو جنهن انڪار ڪندي چيو ته مريض مري وڃڻ پر روڊ بند رھندو انهن ۾ ڪجھ شرپسند ماڻهن اسان کي ڌڪ هينا اسان زخمي ٿي پيا سي ۽ سانگهڙ سول اسپتال داخل ٿيا اھڙي شڪايت ايس ايڇ او پيرومل کي ڪئي جنهن ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ٿاڻي آڏو مظاهرو ڪيو پو۽ مجبور ٿي ايف آئي آر داخل ڪئي پر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھيو آھي اسان وسوارن کي ميڊيا ذريعي اطلاع ٿا ڪريون ته بگٽي قوم جي جوابدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت م اسان مظاھرن جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

سکر ڪئمرامين اينڊ فوٽو جنرلسٽ ايسوسيئيشن جو سالياني چونڊن جي حوالي سان اجلاس

Read Next

خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 82هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular