خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 82هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

خيرپور ناٿن شاھ آزاد اختر مشوري : خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 82هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو,ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي,هنن جو چوڻ هو ته اسان جي جڳهه تي غير قانوني ڀرتيون ڪري اسان کي بيروزگار ڪيو ويو جنهن سبب اسان فاقاڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھيان,خبر موجب ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ملازمن غلام قادر لنڊ، لطيف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي سندن چوڻ ھو تہ اٺ سالن کان اسان کي نوڪرين تان بيگناهه لاٿو ويو جنهن ڪري اسان ٻچن سميت مفلسي طرف ڌڪجي ويا آھيون, ، ھنن الزام مڙھيندي چيو تہ ميونسپل ڪميٽي ڪي اين شاه جي عملدارن هڪ طرف سئو کان مٿي غير قانوني ڀرتيون ڪيون آھن، جڏھن ته اسين مسلسل سراپا احتجاج آھيون، پر ڪير به واھر ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين نوڪرين تي بحال ڪري پگهارون ڏنيون وڃن,

Read Previous

سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سوين جانوري برادري جي ماڻهن جو ڪيل بگٽي قوم جي نواب محمد حسن ۽ گارڊن جي خلاف مظاهرو مظاهرو

Read Next

هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اشفاق ابڙو پاران ن ليگ اڳواڻ مريم نواز کي 27 ڊسمبر تي يا ان کان بعد بار ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ دعوت نامو ڏنو ويو آهي

Most Popular