لاڙڪاڻي : سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي ۽ ٿانوَ کڻي پنهنجي ٻارن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي ۽ ٿانوَ کڻي پنهنجي ٻارن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪرا ڏئي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن نظير احمد ڀٽو، الله بخش لاشاري، علي ڏنو گاد، محمود ملگاڻي، امجد بليدي، آفتاب احمد منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان سال 2009ع دوران تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن توڙي ڪلارڪن ۽ سياسي عهديدارن ملي ڀڳت ڪري پئسن ۽ پنهنجا نوازي تحت جعلي ڀرتيون ڪري اسان حقدارن کي پنهنجي جائز حق کان محروم ڪندي اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي خاطري ڪرائي وئي ته ايندڙ ڀرتين ۾ توهان کي آرڊر ڏنا ويندا، جنهن کان پوءِ هن وقت تائين آرڊر ڪو نه ملي سگهيا آهن. هن چيو ته سال 2012 ۽ 2018ع ۾ به تعليم کاتي ۾ ڀرتيون ٿيون حيرت جي ڳالهه آهي ته 2018ع دوران فيل ٿيل اميدوارن کي 50 کان وڌيڪ مارڪون ڏئي آرڊر جاري ڪيا ويا جڏهن ته اسان 60 کان 85 سيڪڙو مارڪن وارن کي پلس پي ٽي سي، ڪمپيوٽر ڪورس ۽ بي ايڊ، ايم اي جون ڊگريون هئڻ جي باوجود ڀرتي نه ڪيو ويو. هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

نوشهروفيروز : پيپلز هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن پاران نوابشاهه ۾ پ پ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ لقمان چانڊيو تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سڪرنڊ : اوطاقون نه رڳو سنڌ جي سونهن آهن بلڪه امن جا آکاڙا پڻ آهي : اڳواڻ

Most Popular