مورو : سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سگا آفيس مورو ۾ اديب شاعر محمد ادريس جتوئي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

مورو رپورٽر مورو ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن مورو شاخ پاران اديب، شاعر، مصنف، محقق سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي وڇوڙي تي ھڪ تعزيتي ميڙاڪو سگا آفيس مورو ۾ اديب شاعر محمد ادريس جتوئي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. جڏھن تہ عظيم سنڌي، اسد چنا، پروفيسر بخش علي چانڊيو، پروفيسر سليمان سيال، اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد سومرو، وزير فرھاد سولنگي، خالد ساحل ڪيريو، خادم بالادي، ايڊووڪيٽ سجاد مستوئي، سيد حسن شاہ صوفاڻي، افتخار ٻگھيو، قاضي شفيع محمد، مخدوم اظھار، حاجي نثار احمد ميمڻ، پروفيسر گل ميمڻ، سڪندر ڪورائي، زاھد علي ڏيپر، زاھد حسين سيال، عبدالحفيظ شيخ، ولي اللہ ڪورائي، محمد اسلم راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي شاعر اديب محمد ادريس جتوئي چيو تہ پرفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پوري زندگي سنڌي ادب، ٻولي جي ترقي لاءِ جاکوڙ ڪندي گذاري ۽ لوڪ ادب ۾ پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو ڪمال جو ليکڪ ھو جنھن جي لکڻين سان نوجوانن ۾ اتساہ پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ھو ھلندڙ ڦرندڙ يونيورسٽي ھو جنھن علم ادب ۽ لوڪ ادب کي ھٿي ڏياري، جڏھن تہ عظيم سنڌي، اسد چنا، پروفيسر بخش علي چانڊيو، پروفيسر سليمان سيال، اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد سومرو، وزير فرھاد سولنگي چيو تہ سنڌ ڌرتي تي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن ۽ قلم ڪارن جنم وٺي پنھنجو ۽ ڌرتي جو نالو روشن ڪري ويا آھن پر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو واقعي ڪمال ھو جنھن سنڌ جي نوجوان شاگردن کي تعليم ڏانھن متوجہ ڪري تعليمي سرگرميون ڏئي نيون راھون ھموار ڪيون ھن سنڌي ٻولي جي بچاءِ لاءِ جنگ جوٽيندڙ شخص ھو ۽ سندس علم، ادب، تحيق لاءِ ڪيل جدوجھد ڪڏھن بہ وسري نہ ٿي سگھي، ان موقعي تي شيراز ڀٽي، راؤ تعمور راجپوت، وحيد مستوئي، سنڌي الطاف سومرو، علي صفدر نول، آڪاش نول ۽ ٻيا موجود ھئا،.

Read Previous

خيرپور : سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ مٿان سپاف جي ڪارڪنن جو سندس آفيس ۾ حملو, يم ايس سخت زخمي

Read Next

سکر : هزارين ڪارڪن سندس شاندار استقبال ڪنداسين : ن ليگ سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھ

Most Popular