سکر : هزارين ڪارڪن سندس شاندار استقبال ڪنداسين : ن ليگ سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھ

سکر(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھ چيو آھي ته مريم نواز 26 ڊسمبر تي سکر ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هزارين ڪارڪن سندس شاندار استقبال ڪنداسين اهڙو اظهار سکر جي مقامي گيسٽ ھائوس ۾ ورڪرز اجلاس ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي خورشيد ميراڻي ۔اعظم خان به موجود هئا سيد شاھ محمد شاھ وڌيڪ چيو ته محترمه شھيد جي ورسي ۾ پي ڊي ايم جا لکين ورڪر ۽اڳواڻ شريڪ ٿيندا مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان خصو صي شرڪت ڪندا هن چيو ته  ڪٽ پتلي حڪومت ميڊيا تي به ڪنٽرول ڪيو آھي تاعبيدار خان ناڪام ٿي چڪو آھي کنڊ اٽو گئس بجلي هر شيء مهانگي ٿي چڪي آھي عمران خان پاڻ کي ساڌو سمجهي ٿو پر سندس حڪومت ۾ وڏي بي ڪائدگيون ٿيون آھن۔چور چور جا الزام هڻدڙ ن جون چوريون ظاهرٿين پيون احتساب ڪندڙن جو به احتساب ٿيڻ گھرجي۔هن چيو ته اين آر او اسان کي نه گهر جي پر  تاعبيدار گهري پيو ملڪ ۾ گئس جو بحران هٿرادو آھي بجلي جي قيمت آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري۔ عمران خان چندا خور آھي شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جو چندو به کائي ويا ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي سيد شاھ محمد شاھ۔کيئل داس ڪوهستاني۔سينيئر اڳواڻ وشنداس۔ڪارڪنن تي زور ڀريو ته ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون وڃن اجلاس کي نواب شاھ ڊويزن جي صدر عبدالحفيظ کوسي۔لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر احسان سومرو۔سکر ڊويزن جي صدر امداد علي بلو ۽ٻين به خطاب ڪيو ان کان اڳ صوبائي صدر سيد شاھ محمد شاھ ۔کيئل داس ڪوهستاني کي هال ۾ پهچڻ تي ڀرپور آجيان ڪئي وئي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍايو ويو

Read Previous

مورو : سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سگا آفيس مورو ۾ اديب شاعر محمد ادريس جتوئي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

Read Next

نوابشاھ شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي حوالي سان پيپلز لايرز فورم شهيد بينظير آباد جو اجلاس

Most Popular