نوابشاھ شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي حوالي سان پيپلز لايرز فورم شهيد بينظير آباد جو اجلاس

نوابشاھ (رپورٹ:دانش حیدر) نوابشاھ شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي حوالي سان پيپلز لايرز فورم شهيد بينظير آباد جو اجلاس ڊويزنل صدر پيپلز لايرز فورم غلام شبير زرداري جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ بار لائيبريري ۾ ٿي گذريو ـ انهيَ موقعي تي غلام شبيرزرداري علي بخش لاکو علي رضا چنا جي ايم خاصخيلي علي حسن لنڊ ۽ ٻين چيو ته شھيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي ۾ پيپلز لايرز فورم جا اڳواڻ ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا ھنن چيو ته شھيد محترما بينظير ڀٽو کي ملڪ پاڪستان اچڻ کان پھريان روڪيو ويو ته توھان ھتي نه اچو اوھان کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي پر شھيد بينظير ڀٽو پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي شھادت جو جام پيتو ـ ھنن چيو ته شھيد بينظيرڀٽو جمھوريت جي سدائين پاسداري ڪئي ۽ شھيد بينظير ڀٽو جھڙا عظيم ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ـ شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت سان ملڪي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي ۽ سياسي نقصان پڻ ٿيو آهي پر اسان لا۽ اھو ھڪ اعزاز پڻ آهي ته شھيد بينظير ڀٽو ايشيا ۽ جي ھڪ پھرين عظيم عورت ھڪ وڏي پائي واري سياسدان ھئي جنهن جو نالو سموري دنيا ۾ سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ ھو عوام سان بي انتھا محبت ڪندي ھئي ۽ غريب عوام جي حقن لا۽ جاکوڙيندي رھي ـ ھن وڌيڪ چيو ته بينظيرآباد ضلعي اندر پيپلز لايرز فورم جا ڪارڪن سرگرم آهن انهن کي جس ھجي جيڪي پارٽي جي ھر پروگرام ۾ شرڪت ڪن ٿا ۽ ھاڻ به اميد آھي ته 27 ڊسمبر تي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي شھيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندا ـ جڏهن ته اجلاس ۾ پيپلز لايرز فورم جي وڪيلن رحيم لاشاري سيد امداد شاهه بخاري نياز راھو لطيف خاصخيلي شبير سولنگي سائين بخش زرداري شبانا نورين ايڊوڪيٽ ڪلثوم گوپانگ ايڊوڪيٽ سحرش لنجار ايڊوڪيٽ فوزيا حسن مستوئي امتياز جانڊيو عمران بروھي سني گوھر بلوچ عدنان انصاري علي نواز بروھي شاھد ميمڻ مقبول لنڊ عدنان صديقي سجاد مري دادن خاصخيلي نويد علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ـ

Read Previous

سکر : هزارين ڪارڪن سندس شاندار استقبال ڪنداسين : ن ليگ سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھ

Read Next

نوابشاهه ڀرسان محمدي ٽائون لڳ ڊاڪٽر مختيار علي پاران غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو مفت ۾ اکين جو آپريشن ڪرڻ ۽ کين دوائون فراهم

Most Popular