نوابشاهه ڀرسان محمدي ٽائون لڳ ڊاڪٽر مختيار علي پاران غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو مفت ۾ اکين جو آپريشن ڪرڻ ۽ کين دوائون فراهم

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) نوابشاهه ڀرسان محمدي ٽائون لڳ ڊاڪٽر مختيار علي پاران غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو مفت ۾ اکين جو آپريشن ڪرڻ ۽ کين دوائون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ايرو آئي سينٽر ڪورونا وائرس سبب 6 مهنيا بند هئڻ کانپوءِ کوليو ويو جنهن ۾ ملڪ جي نامياري اکين جي ڊاڪٽرن 18 کان مٿي غريب ۽ مسڪين مرد ۽ عورتن جو مفت ۾ آپريشن ڪري کين مفت ۾ لينسز فراهم ڪيا ويا انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر سڪندر مرزا ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هي واهد خيراتي اکين جي استپال آهي جنهن ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي اکين جو علان جديد مشينن جي ذريعي ڪيو ويندو آهي هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب سينٽر کي ڪجهه مهينا بند ڪيو ويو هو ان جي شروعات اڄ کان ڪئي وئي آهي هڪ ڏينهن ۾ 18 عورتن ۽ مردن جي اکين جا آپريشن ڪري کين دوائون ۽ لينسز ڏنا ويا آهن هن چيو ته هڪ مريض تي 40 کان 50 هزار خرچ اچي ٿو هي ادارو سرندي واري ماڻهن پاران ڏنل رقم تي هلي ٿو هن چيو ته نوابشاهه جي آس پاس رهندڙ سرندي وارا ماڻهو به اسان جي مدد ڪندا آهن پر جيڪڏهن وڌيڪ هن اداري کي مدد ملندي ته وڌيڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي اکين جو علاج مفت ۾ ٿي سگهندو.

Read Previous

نوابشاھ شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي حوالي سان پيپلز لايرز فورم شهيد بينظير آباد جو اجلاس

Read Next

پارليامنٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي، نيب جو چيئرمين پارليامينٽ ۾ ڇو نٿو اچي سگهي، جيڪڏهن هو پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿي ويندو : پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه

Most Popular