احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ احسن اقبال ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد:    احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ احسن اقبال مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.  اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال عدالت ۾ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جج کي پهريان ڏسڻو هوندو آهي ته اهو ڪيس ٺهي به ٿو يا نه. احتساب عدالت جي جج اصغر علي چيو ته اسان هتي اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ناهيون ويٺا. جج احسن اقبال کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.  جج چيو ته اوهان کي ڪا درخواست داخل ڪرڻي آهي ته ڪريو يا پنهنجي وڪيل جي ذريعي ڳالهايو. اسان سامهون پيش ڪيل رڪارڊ ڏسي ئي چئي رهيا آهيون هي بادي النظر ۾ ڪيس بڻجي ٿو. وڪيل جهانگير جدون چيو ته ڪٿي ڪيس ٺهي ٿو، ڇا اسان جي مٿي تي لکيل آهي؟ جنهن تي جج چيو ته فيصلي کان اڳ فيصلو نٿا ٻڌائي سگهون. جنهن کان پوءِ عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي جڏهن ته احسن اقبال سميت ٻين جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.   احتساب عدالت 12 جنوري تي احسن اقبال جي خلاف نيب جا گواهه طلب ڪري ورتا. مذڪوره ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو جو موقف آهي ته اسپورٽس سٽي جي تعمير ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪيو. احسن اقبال مٿان الزام آهي ته هن قانون جي خلاف 3 ارب روپين جو منصوبو نارووال ۾ شروع ڪيو.  مذڪوره ڪيس ۾(ن) ليگي اڳواڻ هڪ ڀيرو نيب آڏو پيش ٿي سوالن جا جواب به جمع ڪرائي چڪو آهي. ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت رياست جي وسيلن کي ڪوڙ سان ڀيٽ ڪري رهي آهي. ننڍن ريفرنسز جو مقصد اپوزيشن جي ڪردار ڪشي، ان مٿان دٻا5 وجهڻ ۽ کين تڪليف پهچائڻ آهي. بني گالا جو اين آر او وٺندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نيب منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي به مالي بدعنواني سامهون ناهي آڻي سگهيو. جنهن کان پوءِ هنن  منهنجي مٿان الزام لڳايو ته نارووال ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس ڇو ٺاهيو ويو. پاڻ کي اسپورٽس مين چوندڙ وزيراعظم جي دور ۾ راندين جو منصوبو لڳائڻ ڏوهه بڻجي ويو. احسن اقبال چيو ته عمران خان سوين غريبن جا گهر غيرقانوني قرار  ڏنا ۽ پنهنجي اختيارن جو استعمال ڪري گهر ريگولرائز ڪرايو. زون ٿري ۾ ايندڙ جڳهه کي زون فور ۾ وجهي قانوني ڪرايو ويو. بني گالا جو اين آر او وٺندڙن کي معاف نه ڪنداسين. عمران خان جو غيرقانوني گهر ريگولرائز ڪندڙ سي ڊي اي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي.

Read Previous

24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 82 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

حڪومت جون غلطيون ۽ ڪرپشن ڪنهن کي نظر نه پئي اچي: شاهد خاقان

Most Popular