حڪومت جون غلطيون ۽ ڪرپشن ڪنهن کي نظر نه پئي اچي: شاهد خاقان

اسلام آباد:    مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جون غلطيون ۽ ڪرپشن ڪنهن کي نظر نه پئي اچي، اپوزيشن تي سڀني جي نظر آهي.  ڊيزل تي ايل اين جي پلانٽ هلڻ سان ڪنهن کي فائدو ٿيو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ غلطيون ڪري رهيا آهيون. 2 مهينن کان ايل اين جي تي سوالن جو جواب ناهي آيو. ماضي ۾ پلانٽ ڊيزل تي هلندو هو. هاڻ ايل اين جي تي هلي رهيو آهي. گهرن ۾ گيس ناهي، وزير ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته اين آر او ايل اين جي چورن، کنڊ ۽ اٽي جي چورن کي ڏنو ويو. اڍائي سالن ۾ ٿيندڙ ڪوبه هڪ هاڪاري ڪم ٻڌايو.  اڄ نارووال سٽي جو ڪيس هلي رهيو آهي. سڀاڻي انشاءَالله ڪرتارپور جو هلندو. ڪرتارپور راهداري بنا ڪنهن ٽينڊر جي 17 ارب روپين جو آهي. وزيراعظم کان وٺي سموري حڪومت ڪوڙ ڳالهائي ٿي حڪومت ڪوڙن جو ٽولو آهي.

Read Previous

احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ احسن اقبال ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي

Read Next

پاڪستان نيوزيلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular