24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 82 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:   ڪورونا وائرس سبب  پاڪستان ۾ وڌيڪ 82 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 9 هزار 474 ٿي ويو آهي.  پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 4 لک 60 هزار 672 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 704 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ هڪ لک 32  هزار 526، سنڌ ۾ 2 لک 5 هزار 484، خيبرپختونخواهه ۾  55 هزار 450، بلوچستان ۾ 17 هزار 950، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 831، اسلام آباد ۾ 36 هزار 416، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.  ملڪ ۾ هينئر تائين 63 لک 70 هزار 707 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 34 هزار 594 نوان ٽيسٽ ڪياو يا. هينئر تائين 4 لک 10 هزار 937 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 2 هزار 398 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.  پاڪستان ۾  ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 82 فوتگيون ٿيون آهن جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 9 هزار 474 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 3 هزار 688، سنڌ ۾ 3 هزار 352، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 553، اسلام آباد ۾ 393، بلوچستان ۾ 179، گلگت بلتستان ۾ 99 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 210 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

Read Previous

مريم ۽ بلاول شو پيس آهن، فيصلا نوازشريف ۽ آصف زرداري ڪندا آهن: فواد چوڌري

Read Next

احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ احسن اقبال ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي

Most Popular