پاڪستان نيوزيلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ويلنگٽن:   پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي پر هو سيريز 1-2 تان هارائي ويو آهي. نيپئر ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستان  جي محمد رضوان جي بهترين بيٽنگ سبب پاڪستان گهربل حدف 2 بال اڳ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. قومي ٽيم طرفان محمد رضوان ۽ حيدر علي گذريل ٻن ٽي ٽوئنٽي جي مقابلي ۾ ٽيم کي 40 رنسن جي شروعات ڏني.  حيدرعلي 11 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو جنهن کان پوءِ پوئين ميچ ۾ 99 رنسن جي اننگز کيڏندڙ محمد حفيظ بيٽنگ جي لاءِ آيو ۽ 41 رنسن جي اننگز کيڏي واپس  پويلين موٽي ويو. مڊل آرڊر بيٽسمين خوشدل شاهه به 13 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.  فهيم اشرف به صرف 2 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽي ويو. جڏهن ته ڪپتان شاداب خان پهرين ئي بال تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 3 بالن تي 3 رنسون گهربل هيون جڏهن افتخار احمد ڇڪو هڻي ٽيم کي فتح ڏياري. محمد رضوان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي اڌ سينچري اسڪور ڪئي ۽ وڪيٽ تي بيٺل رهيو هو آخري اوور ۾ 59 بالن تي 89 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا. بهترين ڪارڪردگي تي محمد رضوان کي مين آف دي ميچ سان نوازيو ويو جڏهن ته ٽم سيفرٽ کي مين آف دي سيريزڏنو ويو.

Read Previous

حڪومت جون غلطيون ۽ ڪرپشن ڪنهن کي نظر نه پئي اچي: شاهد خاقان

Read Next

افغانستان ۾ طبي عملي جي گاڏي مٿان بم ڌماڪو، ڊرائيور سميت چار ڊاڪٽر مارجي ويا

Most Popular