افغانستان ۾ طبي عملي جي گاڏي مٿان بم ڌماڪو، ڊرائيور سميت چار ڊاڪٽر مارجي ويا

ڪابل:     افغانستان جي گادي واري شهر ۾ هڪ ڪار کي بم ڌماڪي سان اڏايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ چار ڊاڪٽر مارجي ويا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ روڊ تي لڳل بم ان وقت زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جڏهن اتان کان طبي عملي جي گاڏي گذري رهي هئي. ڌماڪي ۾ ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ڪار ۾ سوار پنج ڄڻا مارجي ويا. چارئي ڊاڪٽر پل چرخي نالي جيل طرف وڃڻ جي لاءِ پنهنجي گاڏي ۾ سوار ٿي رهيا هئا، ان جيل ۾ ڪيترائي طالبان ويڙهاڪ قيد آهن. پر اڃان تائين ڪنهن به گروپ حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. اهڙي طرح غزني جي علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ صحافي رحمت الله نيڪ زاد کي قتل ڪري ڇڏيو. هلندڙ مهيني دوران افغانستان ۾ ٽئين صحافي کي قتل ڪيو ويو آهي.  واضح رهي ته افغانستان جي گادي واري شهر ۾ ٻن مهينن کان پرتشدد ڪاررواين ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي. ڪابل يونيورسٽي ۾ حملي  دوران 30 کان وڌيڪ شاگرد شهيد ٿيا هئا جڏهن ته  4 ڀيرا مختلف هنڌن تي ميزائل حملا ڪيا ويا آهن.

Read Previous

پاڪستان نيوزيلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

ڀارتي اداڪاره راڪول پريت سنگهه به ڪورونا جو شڪار

Most Popular