ڀارتي اداڪاره راڪول پريت سنگهه به ڪورونا جو شڪار

ممبئي: نالي واري ڀارتي اداڪاره پريت سنگهه به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي. سماجي رابطي جي سائٽ انسٽاگرام تي ادڪاره راڪول پريت سنگهه چيو آهي ته آئون سڀني کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو آهي جنهن بعد پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آئون بهتر محسوس ڪري رهي آهيان پر مونکي آرام جي ضرورت آهي ته جيئن واپس اچي سگهان، جڏهن ته اهي سمورا ماڻهو جن ڪالهه مون سان ملاقات ڪئي هئي انهن کي پنهنجو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي.

Read Previous

افغانستان ۾ طبي عملي جي گاڏي مٿان بم ڌماڪو، ڊرائيور سميت چار ڊاڪٽر مارجي ويا

Read Next

سکر : ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جو پريس ڪلب سکر جو دورو، صحافي اڳواڻن ملاقات

Most Popular