سکر : ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جو پريس ڪلب سکر جو دورو، صحافي اڳواڻن ملاقات

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جو پريس ڪلب سکر جو دورو، صحافي اڳواڻن ملاقاتصحافين سان ويجهو رابطو رکڻ سان ئي حڪومت جي بهتر نموني تشهير ٿي سگهندي: امتياز علي جويوپريس ڪلب جي اسٽيٽ آف دي آرٽ عمارت ٺاهڻ ۾ سنڌ حڪومت سان گڏ صحافين جو اهم ڪردار آهيصحافي برادري ۽ اطلاعات کاتي جو اڻ ٽٽ رشتو آهي جنهن کي مضبوط ڪيو ويندو: لالا اسد پٺاڻ، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر امتياز علي جويو سکر پريس ڪلب جو دورو ڪري صحافين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ پريس ڪلب جي اسٽيٽ آف دي آرٽ عمارت جو معائنو ڪري شاهڪار ڪم ڪرائڻ تي عهديدارن جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي سکر پريس ڪلب جو سرواڻ لالا اسد پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري ياسر فاروقي ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جو اڳواڻ سليم سهتو سميت انفارميشن آفيسر سيد ساجد حسين شاهه، سيد آفتاب شاهه، فقير مشتاق مڱريو، امداد بوزدار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر امتياز علي جويو چيو ته صحافين سان ويجها رابطا برقرار رکڻ سان ئي حڪومت جي بهتر ڪمن ۽ ڪارڪردگي جي تشهير ٿي سگهندي آهي. هن چيو ته پريس ڪلب جي اسٽيٽ آف دي آرٽ عمارت ۽ آڊيٽوريم ڏسي دلي خوشي ٿي رهي آهي هن شاهڪار عمارت ٺاهڻ ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان گڏوگڏ صحافين جي سچائي پڻ نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته صحافين ۽ اطلاعات کاتي ۾ سهڪار جا اعليٰ مثال موجود آهن. هن چيو ته بيمار صحافين جي علاج ۽ سندن مالي امداد لاءِ سنڌ اطلاعات کاتو ڀرپور ڪوششون وٺي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي صحافين جي سهائتا ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سکر پريس ڪلب جي سرواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته سکر پريس ڪلب جي پراڻي عمارت جو افتتاح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1960ع ۾ ڪيو هو، سنڌ حڪومت جو پريس ڪلب جي نئين سر تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ڀرپور سهڪار رهيو آهي. هن چيو ته سکر جي صحافين کي پريس ڪلب ۾ خبرن جي ادارن تائين رسائي سميت اسپورٽس جون سهولتون پڻ ميسر آهن، جڏهن ته مهمان صحافين لاءِ گيسٽ رومز پڻ تيار ڪيا ويا آهن. لالا اسد پٺاڻ ڊائريڪٽر انفارميشن سکر کي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريندي چيو ته اطلاعات کاتي ۽ صحافين جو پاڻ ۾ اڻ ٽٽ رشتو آهي جنهن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.

Read Previous

ڀارتي اداڪاره راڪول پريت سنگهه به ڪورونا جو شڪار

Read Next

23 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر 2020 تائين نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرايا ويندا. اميدوارن جي لسٽ 29 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان

Most Popular