23 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر 2020 تائين نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرايا ويندا. اميدوارن جي لسٽ 29 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبارنظاماڻي ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ايس 43 سانگهڙ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊول موجب ، 23 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر 2020 تائين نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرايا ويندا. اميدوارن جي لسٽ 29 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي. اميدوار 16 جنوري تي دستبردار ٿي سگهندا. 17 جنوري تي نشان الاٽ ڪيا ويندا ۽ پولنگ 16 فيبروري تي ٿيندي. اليڪشن شيڊول جو اعلان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان ، ضلعي ريٽرننگ آفيسر سائين بخش چنڙ ۽ آر او نعيم الرحمان جلباڻي اليڪشن ڪميشن آفيس سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ياد رھي ته پي ايس 43 جي سيٽ ميمبر صوبائي اسيمبلي ڄام مدد علي جي وفات سبب خالي ٿي وئي آھي. هن تڪ ۾ 157،210 ووٽ آهن ۽ 125 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون وينديون. انهي تڪ ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد سائين بخش چنڙ کي ضلعي ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ، اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ نعيم الرحمان جلباڻي کي ريٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سانگهڙ ۽ مختيار ڄام نواز علي کي اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان وڌيڪ چيو ته ڪوڊ جي ڪري ، پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل طريقيڪار (ايس او پي) تي عمل درآمد لازمي قرار ڏنو ويندو.

Read Previous

سکر : ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جو پريس ڪلب سکر جو دورو، صحافي اڳواڻن ملاقات

Read Next

پ پ پ تعلقي يوٿ صدر جواد ظفر جمالي جي زير صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري

Most Popular