ماضي ۾ حرام جي ڪمائي جو رستو اختيار ڪندڙ سياستدان اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن: عمران خان

عمران خان

اسلام آباد:   وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حرام جي ڪمائي جو رستو اختيار ڪندڙ سياستدان اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن. اسلام آباد پوليس لائنز ۾ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جن سياستدانن غلط رستي سان پئسو ٺاهيو اهو انهن جي ڪم نه آيو، چوري جي پئسي جو ڪوبه فائدو ناهي هي ڪنهن به ڪم ناهي ايندو. ٻارن کي والدين جي چوري بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي. ڪڏهن اسپتال وڃي رهيا آهن، ڪڏهن ملڪ کان ٻاهر  وڃي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته قوم جي جان ۽ مال جي حفاظت ٿيڻ تائين قوم ترقي ناهي ڪري سگهي. فوج سرحدن جي محافظ ۽ پوليس شهرين جي محافظ هوندي آهي. چاهيان ٿو ته قوم پوليس کي پسند ڪري، ڪي پي ۾ حڪومت ۾ آياسين ته پوليس جو مورال ڪريل هو پر تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ پوليس کي تبديل ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته پوليس کي ملندڙ پگهار ڪافي ناهي ان معاملي تي حفيظ شيخ سان ڳالهائيندس.  مهانگائي جي لحاظ سان پگهارون  گهٽ آهن، جيئن جيئن معيشت بهتر ٿيندي پگهارن ۾ واڌ ڪنداسين.  جيستائين ملڪي آمدني نٿي وڌي قوم کي ڪجهه صبر ڪرڻو پوندو. بادشاهه نه وزيراعظم آهيان، پگهار وڌائڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير کان پڇڻو پوندو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وزيراعظم هائوس جا 60 کان 70 سيڪڙو خرچ گهٽ ڪيا آهن. پنجون مهينو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۾ آهي. صرف سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ کي اٿاري سگهن ٿا.  اوورسيز پاڪستانين کي اعتماد ناهي ته انهن جي انويسٽمينٽ محفوظ رهندي. اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد وڌائڻ لاءِ پوليس جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هنن جي پگهار پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ تي غور ڪنداسين.

Read Previous

سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز: صدر عارف علوي ريفرنس سپريم ڪورٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

فرانس ۾ فائرنگ سبب ٽي پوليس اهلڪار مارجي ويا

Most Popular