سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز: صدر عارف علوي ريفرنس سپريم ڪورٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

عارف علوي

اسلام آباد:   صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيٽ جون چونڊون شو آف هينڊز جي ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ ريفرنس سپريم ڪورٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 186 جي تحت سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪلڻ جي وزيراعظم جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ريفرنس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينه ان معاملي تي 15 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم جي تجويز تي سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ يا شو آف هينڊز جي ذريعي ڪرائڻ جي عوامي اهميت جي معاملي تي صدر سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ورتي آهي.  ريفرنس ۾ آئين ۾ ترميم کان سواءِ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن(6) 122 ۾ ترميم ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري وئي آهي. صدر عارف علوي جي منظوري کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس جلد داخل ڪيو ويندو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ ۾ ڳجهي بيليٽنگ  سان ميمبرن جي وڪرو ۽ خريد ۾ ڪارو ناڻو استعمال ٿيندو آهي. ڳجهي ووٽنگ سبب  سينيٽ چونڊن کان پوءِ شفافيت تي سوال اٿاريا ويندا آهن. سينيٽ جي چونڊ اوپن بيلٽ جي تحت ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي ذريعي سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت ايندي. اهم آئيني نڪتي تي سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ڏئي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ ٽياسي مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

ماضي ۾ حرام جي ڪمائي جو رستو اختيار ڪندڙ سياستدان اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن: عمران خان

Most Popular