فرانس ۾ فائرنگ سبب ٽي پوليس اهلڪار مارجي ويا

پيرس:   فرانس ۾ گهريلو تڪرار دوران هڪ شخص جي فائرنگ سبب ٽي پوليس اهلڪار مارجي ويا.  پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداي موجب فرانس ۾ پوليس اڌ رات جو گهريلو تڪرار بابت اطلاع ملڻ تي فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي.  پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ کان پوءِ هڪ عورت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران هڪ 48 ساله شخص طرفان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويو  جڏهن ته فائرنگ کان پوءِ جوابدار گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.  ان دوران پوليس جي وڌيڪ نفري واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدار ٻيهر فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب وڌيڪ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا. پوليس جو ان بابت چوڻ آهي ته لاڳاپيل شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهر جي ڇت تان عورت کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي. مارجي ويل پوليس آفيسرن جون عمرون 21، 37 ۽ 45 سال هيون،

Read Previous

ماضي ۾ حرام جي ڪمائي جو رستو اختيار ڪندڙ سياستدان اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن: عمران خان

Read Next

باڪسر عامر خان هڪ دفعو ٻيهر رنگ ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular