پنوعاقل : دادلوء لڳ نيباھو ملڪ سي پيڪ طرف ويندڙ رستي تي هٿياربندن جو ٽولو فرلٽ لاء بيٺل هيو

پنوعاقل( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) پنوعاقل لڳ دادلوء لڳ نيباھو ملڪ سي پيڪ طرف ويندڙ رستي تي هٿياربندن جو ٽولو فرلٽ لاء بيٺل هيو ته هنن پوليس پارٽي کي ڏسي ان تي فائرنگ ڪئي جنهن بعد ايس ايڇ او دادلوء امتياز منگي، ايس ايڇ او پنوعاقل، ذوالفقار چاچڙ پوليس اٽالن سان موقعي تي پهچي ويا پوليس ۽ هٿياربندن درميان اڌ ڪلاڪ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ هٿياربند موقعي تي مارجي ويو جنهن کي ٻيا ساٿي ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي دعوي موجب ته مارجي ويل ڦورو وٽان رپيٽر گوليون برآمد ٿيون، مارجي ويل ڦورو ۽ ان جا ساٿي ڪنهن خطرناڪ واردات لاء بيٺل هئا ته پوليس پارٽي پهچڻ تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ فورو مارجي ويو جنهن جي هن محل تائين سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي پوليس فورو جي سڃاڻپ ۽ ٻئي گينگ جي ڳولاھ ۾ مصروف آھي تعلقي پنوعاقل ضلعي سکر ۾ امن جي بحالي لاء ڏوهارين خلاف پوليس جي آپريشن تيزي سان جاري آھي

Read Previous

سنڌ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن سان ٿيل ناانصافي

Read Next

پنوعاقل : ڳوٺ سردار صاحب خان ڪورائي ۾ پراڻي تڪرار تان ڪورائي برادري جي ماڻهن جي سردار صاحب خان ڪورائي جي ڪوٽ بنگلي تي فائرنگ ڪري حراس پکيڙيو ويو

Most Popular