سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ هائي ڪورٽ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي دوڪانن جي نيلامي واري ڪيس جي ٻڌڻي عدالت دوڪانن جي نيلامي کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس محمود اي خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي انتظاميا کي ميونسپل جي دوڪانن جي نيلامي کي روڪي قانون مطابق دوڪانن جو ڪرايو وڌائڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو۔ٻڌڻي دوران ايڊ منسٽريٽر نثار احمد ميمڻ۔ميونسپل ڪمشنر محمد علي بلوچ ۔اڳوڻو ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ سميت وڪيل ۽ دوڪاندار پيش ٿيا عدالت جي فيصلي تي دوڪاندارن خوشي جو اظھار ڪندي هڪ ٻئي کي مبارڪون پڻ ڏنيون