27 ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي پي پي پي طرفان شهيدن جي سر زمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) 27 ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي پي پي پي طرفان شهيدن جي سر زمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن جلسي کي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب پڻ ڪندا، جڏهن ته ورسي تقريب ۾ پي ڊي ايم جي سموري قيادت پڻ شرڪت ڪري عوامي جلسي کي خطاب ڪندي. اهڙيون ڳالهيون پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ خان بهادر سردار محمد نواز شيخ پنهنجي رهائشگاھ شيخ جو بنگلو لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا سان ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر تي ٿيندڙ جلسي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان پيپلز پارٽي جا جيالا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪندا، جڏهن ته ورسي جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن توڙي لانگ مارچ جي اعلان کان پوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جو ثبوت اهو پڻ آهي جو سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران نيازي ايم ڪيو ايم مٿان وڃي هٿ رکيو آهي، پر ايم ڪيو ايم وارا ڪنهن جا به سڄڻ نه آهن، جنهن سنڌ امڙ کين دلين ۾ جايون ڏنيون ايم ڪيو ايم وارن ان امڙ سان به هر موڙ تي ويساھ گهاتيون ڪيون آهن. پيپلز پارٽي اڳواڻ خان بهادر سردار محمد نواز شيخ جو چوڻ هيو ته ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سڄي حياتي ۾ پاڪستان توڙي ملڪ جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن جو مثال اهو آهي جو ٻنهي شهيدن طاقت جو سر چشمو عوام کي سڏيو هو، اسان به انهن شهيدن جي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون ۽ انشاءِ الله پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ملڪ ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي ويندي.

Read Previous

سنڌ هائي ڪورٽ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي دوڪانن جي نيلامي واري ڪيس جي ٻڌڻي عدالت دوڪانن جي نيلامي کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

نوشھروفيروز : نيب ۽ صحت کاتي ننڍن ملازمن جي ٻچن جي ٻرندڙ چلھ وسائي سندن ھٿ تان گرھ کسي ظلم جي انتھا ڪئي آھي: خادم حسين مستوئي

Most Popular