نوشھروفيروز : نيب ۽ صحت کاتي ننڍن ملازمن جي ٻچن جي ٻرندڙ چلھ وسائي سندن ھٿ تان گرھ کسي ظلم جي انتھا ڪئي آھي: خادم حسين مستوئي

نوشھروفيروز(ڊر)  پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي صوبائي صدر خادم حسين مستوئي اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو محمد اشرف قريشي محمد يونس وسڻ سلطان احمد جوڻيجو ۽ ٻين پنھنجي گڏيل بيان ۾ صحت کاتي جي 74 ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته نيب ۽ صحت کاتي ننڍن ملازمن جي ٻچن جي ٻرندڙ چلھ وسائي سندن ھٿ تان گرھ کسي ظلم جي انتھا ڪئي آھي جيڪڏهن سندس موقف صحيح به ھجي پر ننڍن ملازمن جو ڏوھ ڪھڙو آھي جنھن جي کين سزا ڏني ويئي آھي ڇوته ٻارھن سالن کان نوڪري ڪندڙ ننڍا ملازم پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداريءَ سان ڪري رھيا ھئا بيوروڪريٽ کين ڪھڙي بنياد تي قصوروار قرار ڏنو آھي اھي ملازم پنھنجي اھليت جي بنياد تي نوڪريء ۾ آيا ھئا انھن کي ناجائز ڄاڻائي ملازمت تان ھٽائڻ بيوقوفاڻو عمل آھي جنھنجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ٻيو ته اھو ڪيس اڳواٽ ئي ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي ان جي باوجود صحت کاتي توھين عدالت ڪري ملازمن سان ظلم ڪيو آھي ان ظلم جي خلاف اسان عدالت سڳوريءَ جو دروازو کڙڪائينداسين اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته سوموٽو ايڪشن وٺي نيب ۽ صحت کاتي جي ملي ڀڳت سان برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو وڃي 

Read Previous

27 ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي پي پي پي طرفان شهيدن جي سر زمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو

Read Next

لاڙڪاڻي : وليد ٿاڻي جي علائقي ۾ قائم هڪ موبائيل فون جي دڪان اندر گذريل رات نامعلوم چور داخل ٿي دڪان ۾ پيل لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار

Most Popular