لاڙڪاڻي : وليد ٿاڻي جي علائقي ۾ قائم هڪ موبائيل فون جي دڪان اندر گذريل رات نامعلوم چور داخل ٿي دڪان ۾ پيل لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ستون نمبر ناڪي واري علائقي ۾ قائم هڪ موبائيل فون جي دڪان اندر گذريل رات نامعلوم چور داخل ٿي دڪان ۾ پيل لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته متاثر دڪان مالڪ پاران اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي دير سان پهتي ۽ خانا پوري ڪرڻ بعد واپس هلي وئي. ان موقعي تي متاثر دڪان مالڪ عبدالصمد شيخ صحافين کي ٻڌايو ته ست نمبر ناڪي وٽ منهنجو موبائيل فون ۽ سگريٽ جو دڪان آهي، جنهن جا رات جي وقت نامعلوم چور تالا ڀڃي دڪان اندر داخل ٿي دڪان ۾ پيل هڪ لک 85 هزار روڪ رقم، 3 عدد موبائيل فونون، سگريٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مان اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو، پر پوليس هن وقت تائين ڪجھ به نه ڪيو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ڪندڙ چورن خلاف ڪاروائي ڪري دڪان مان ٿيل چوري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

نوشھروفيروز : نيب ۽ صحت کاتي ننڍن ملازمن جي ٻچن جي ٻرندڙ چلھ وسائي سندن ھٿ تان گرھ کسي ظلم جي انتھا ڪئي آھي: خادم حسين مستوئي

Read Next

نوشهروفيروز : شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تيرهين ورسي جي موقعي تي پيپلز هاري ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

Most Popular