نوشھروفيروز : پريم ننگر ڪالوني جي رهواسين پاران قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

نوشھروفيروز(ڊ ر) پريم ننگر ڪالوني جي رهواسين پاران قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف عبدالستار، شناس علي، قربان علي، غلام سرور لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عبدالستار لاشاري جو چوڻ هو ته 1 مهينو اڳ سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن زاهد حسين، اسحاق بروهي، مير خان، منير عرف مٽو لاشاري منهنجي 20 سالن جي نياڻي خوشبو لاشاري کي بيگناه قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس نوشھروفيروز ٿاڻي تي داخل آھي پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو نه ئي پوليس حتمي چالان پيش ڪري رهي آھي. هنن جو چوڻ هو ته پوليس رشوت عيوض جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري جيڪي هن وقت ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتارڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

Read Previous

مٽياري : پ ٽ الف جي اليڪشن ڌانڌلين خلاف مٽياري جي استادن جو احتجاج اليڪشن ڪميٽي چيئرمين تي ڌمڪين جا الزام

Read Next

مٽياري : آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسئيشن آپڪا پاپوليسشن کاتي جي ملازمن آپڪا پاپوليشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Most Popular